سيد صالح محمد شاهه 2

سيد صالح محمد شاهه 2

سيد صالح محمد شاهه 2

سيد صالح محمد شاهه2: نامور تعليمي ماهر ۽ محقق، سيد صـالح مـحمـد شاهه ولد سيد ڏتل شاهه، 15 جنوري 1925ع تـي ڳوٺ امين لاکي، هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1945ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. 1952ع ۾ ڪاليج جو ٻيو سال پاس ڪرڻ کان پوءِ ترقي ماڻيائين. هن مختلف اسڪولن ۾ مقرريءَ دوران سوين شاگردن کي فائنل جا امتحان پاس ڪرايا، 1962ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ۾ استاد مقرر ٿيو، 1968ع ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار طور مقرري ٿي، جتان پوءِ ڊگري ڪاليج ٽنڊي جان محمد ۾ خدمتون سر انجام ڏنائين. 1970ع کان وٺي رٽائرمينٽ تائين ماهر مضمون طور هن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ذميواريون نڀايون.
سيد صالح محمد شاهه مطالعي جو وڏو ذوق رکندو هو، هن تحقيق ڪري ’پير رشد الله شاهه راشديءَ جو ڪلام‘ عنوان تي پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي. مختلف درسي ڪتابن کان سواءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ادارت ۽ نظرثاني ڪيائين. سندس ترجمن جا ٻه ڪتاب ’سيرت رسول صلي الله عليه وسلم‘ (سليمان ندوي) ۽ عبدالله ابن مسعود شايع ٿيل آهن. ان کان سواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سندس تيار ڪيل ’هارپي جي لغت‘ پڻ ڪئي آهي.
سيد محمد صالح شاهه 61 ورهين جي ڄمار ۾ 1986ع ڌاري وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.15  عيسوي

نامور تعليمي ماهر ۽ محقق، سيد صـالح مـحمـد شاهه ولد سيد ڏتل شاهه، 15 جنوري 1925ع تـي ڳوٺ امين لاکي، هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. سيد محمد صالح شاهه 61 ورهين جي ڄمار ۾ 1986ع ڌاري وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بئريسٽر عبدالرحمان
شهباز دراني
خليق الزمان مخدوم
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
چاڳلي (مائي چاڳلي)
حاجي مير محمد بلوچ
جنيد بن عبدالرحمان
چشتي مجاهد
ٺٽي جا مغل نواب
عبدالمجيد مري سنڌي پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون